سرطان1

سرطان1

سرطان1

سرطان1

سرطان

سرطان

سرطان 1

سرطان Cancer/ Carcinoma): بيماري): سرطان جي بيماريءَ کي ميڊيڪل سائنس جي حوالي سان انساني اوڄن (Tissues) ۾ نئين غير طبعي (روڳي) واڌ (New Neoplasm Growth) چئجي ٿو. رومي ۽ يوناني حڪيمن هن واڌ کي هوبهو سامونڊي کيکڙي (Sea Crab) سان مـشـابهـت رکـندڙ سـرطان جي بيمـاري ڪـري ڪوٺيـو آهي. سرطاني واڌ هر ڏينهن سواءِ ڪنهن ضابطي جي بيماريءَ هيٺ آيل عضوي ۾ واڌ ويجهه ڪندي رهي ٿي، نه رڳو ايترو پر هيءَ واڌ وڌيڪ روڳي بڻجي وڃي ته بيماريءَ جي اثر هيٺ آيل عضوي جي باقي حسن سان گڏ ٻين ڀر وارن عضون جي اوڄڻ تي به حملو ڪري انهن کي به سرطان زده ڪري ڇڏيندي آهي. سرطان جي (روڳي) واڌ سدائين چرٻيءَ وارن جيو گهرڙن (Epithelial Cells) ۾ ٿيندي آهي.
ڳچ عرصي کان رسالن، اخبارن، ريڊيو ۽ ٽي. وي تي ڏسندا، ٻڌندا ۽ پڙهندا به اچون ته سرطان جي علاج لاءِ فلاڻي سيرم، دوا ۽ انجيڪشن ايجاد ڪئي وئي آهي. تنهن کانسواءِ دنيا جي ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪن ۾ مرضياتدان (Pathologists)، پروفيسرن، فزيشن، استادن ۽ شاگردن پاران هن مرض جي تحقيق ۽ علاج تي پنهنجيون عمريون وڃائي ڇڏيون آهن. نه رڳو ايترو پر ڪروڙين روپيا به خرچ ڪري ڇڏيا آهن، پر اڃا تائين هن بيماريءَ جو ڪو به خاطر خواهه علاج ڳولي ڪين سگهيا آهن. هر تحقيق، ڪوشش ۽ دوا جي ابتڙ هي مرض آهي. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته اڄ جي ميڊيڪل سائنس جي سڀني شعبن مان خاص ڪري جراحيءَ (Surgery) ايتري ته گهڻي ترقي ڪئي آهي جو انسان جي جسم جا سرنهن جي داڻي جيترا حصا ڪري ڇڏين ته به سرجن انهن کي جوڙي ماڻهون ڪري بيهاري ڇڏيندا، پر سرجري هن بيماريءَ کي اهڙو ته چيڙائي ڇڏي ٿي ڄڻ فصل کي يوريا ڏني وڃي ٿي.
سرطان اهڙو موذي مرض آهي جنهن جي نئين غير طبعي (روڳي) واڌ جيڪا واڌ خود سرطان آهي جي جراحي ڪرڻ کانپوءِ به هي مرض ڇڏي نٿو ۽ وري ٻيهر ساڳي عضوي ۾ واڌ کائي ٿو يا وري اتان ڇڏي ٻئي هنڌ (Metastasis) نئين واڌ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو، جنهن جو بنيادي سبب اهو آهي ته سرجن انهيءَ غير طبعي (روڳي) واڌ جي جراحي ڪندو جيڪا کيس چاقون جي هيٺان ڏسڻ ۾ ايندي آهي پر انهن هزارين ۽ لکين سرطاني جيوڙن (Cancerous Germs) کي ڪجهه به ناهي ڪري سگهندو، جيڪي غير طبعي (روڳي) واڌ جي آسپاس گڏ ٿيل (موجود) هوندا آهن يا رت جي ناڙين ۾ موجود هوندا آهن. نتيجي ۾ جراحيءَ کانپوءِ وري ٻيهر اهي ضعيف جاءِ تي پنهنجا ٻيهر گهر اڏيندا آهن يا ٻين ويجهن عضون جي صحتمند اوڄن تي حملو ڪري انهن ۾ نئين سرطاني غير طبعي واڌ ڪري وجهندا آهن. ان جو مثال بلڪل ايئن آهي جو ماکي لاهڻ کانپوءِ ماکيءَ جا مکا ٻيهر ساڳي ماناري تي ويهي ماکي ٺاهين يا ڪنهن (ڀر ۾) ٻئي هنڌ پنهنجو نئون مانارو ٺاهي ماکي گڏ ڪن.
اڄ تائين سرطان تي هر تحقيق ۽ علاج جو ڪو به ڪارائتو اٿر ڪونه پيو آهي. هي موذي مرض دنيا ۾ ڏينهون ڏينهن نه رڳو وڌندو پيو وڃي پر هن سبب موت جي شرح وڌيڪ آهي. سرطان تي تحقيق ڪندڙ جڳ مشهور ڊاڪٽر جان اي. ايم. سي گلين (Dr. John A Mcglinn) فلاڊلفيا ميڊيڪل سوسائٽي (Philadelphia Medical Society) ۾ پنهنجي هڪ تحقيقي مقالي ۾ ٻڌايو ته دنيا ۾ هر ڏينهن واقع ٿيندڙ موتن ۾ هڪ موت مرد جو سرطان وگهي ٿئي ٿو. جڏهن ته هر يارهن موتن ۾ هڪ موت عورت جو سرطان وگهي ٿئي ٿو، جنهن ۾ گهڻا ئي ارهه جي سرطان (Breast Cancer) جي ڪري آهي.
(الف) سرطان ڇا آهي ۽ ڪيئن ٿئي ٿو؟ دنيا جـي هـر سـاهـدار جي وجـود جو بنياد هڪ جيو گهرڙي (اُڻي- Cell) تي ٻڌل آهي. وري انيڪ جيو گهرڙا گڏجي هڪ اوڄو (Tissue) ٺاهين ٿا. اهي سڀئي اوڄا گڏجي جسم جا جدا جدا عضوا جوڙين ٿا. جيئن دل، دماغ، ڦڦڙ، جيرو، بڪيون ۽ ارهه (ڇاتيون) وغيره. اهڙي طرح هر هڪ عضوي کي پنهنجا ڌار ڌار اوڄا ۽ انهن جا قسم ٿين ٿا، تنهنڪري هر هڪ انساني عضوي جي اوڄن کي پنهنجي پنهنجي خاصيت ۽ فصل به پنهنجو پنهنجو آهي. گهڻين حالتن ۽ سبب جي ڪري ڪنهن به عضوي جي (عام) صحتمند جيو گهرڙن ۾ ڪو به بگاڙ پيدا ٿيندو آهي ته اهي (جيوگهرڙا) ايتري ته تڪڙي واڌ ويجهه ڪندا آهن جو انهن جو واڌ ويجهه تي ڪو به ظابطو ڪونه ٿيندو آهي، تنهنڪري انهيءَ عضوي جي بيماريءَ خلاف سگهه ۽ تنتي سرشتو ڪمزور ٿي ويندو آهي. نتيجي ۾ وڌيل جيو گهرڙا پنهنجي ئي (عضوي جي) اوڄن تي حملو ڪري اوڄن کي ناس ڪري ڇڏيندا آهن. تنهن سبب ڪري جنهن عضوي جا هي اوڄا هوندا آهن انهيءَ عضوي ۾ نئين غير طبعي (روڳي) واڌ ٿيندي آهي، جنهن واڌ کي ميڊيڪل سائنس جي اصطلاح ٻوليءَ ۾ (New neoplasm Growth) چوندا آهن. جڏهن ته يوناني ٻوليءَ ۾ (Carcinoma) ۽ عام ٻوليءَ ۾ Cancer چئبو آهي.
(ب) سرطان جي ٿيڻ جا سبب Aetiology:
(1) چانهن ۽ ڪافي (Tea and Coffee): جيڪي ماڻهون چانهن ۽ ڪافيءَ جو گهڻو واهپو ڪن ٿا، خاص ڪري خالي پيٽ/نيرانو، ته انهن ماڻهن کي هر ڪنهن قسم جو سرطان ٿيڻ جو خدشو رهي ٿو.، ڇو ته جنهن جو سبب چانهن ۽ ڪافي پيئڻ سان معدي جي مٿئين تهه کي نقصان پهچي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهون جو تنتي سرشتو تباهه ٿئي ٿو. ڪمزور ۽ تباهه ٿيل تنتي سرشتي ڪري سرطان آسانيءَ سان ٿئي ٿو.
(2) تماڪ نوشي (Tobacco Smoking): تماڪ نوشيءَ جي ڪري ساهه جي سرشتي خاص ڪري ڦڦڙن ۽ ساهه جي ناليءَ جي اوڄن کي نقصان ٿئي ٿو ۽ انهن ۾ تباهي اچي ٿي. جنهن جي ڪري تماڪ ڇڪيندڙ يا تماڪ کائيندڙ جيئن گٽڪو، تماڪ وارو پان کائيندڙ ماڻهن کي ڦڦڙن، ساهه جي نالي، وات ۽ ڳلي جو 90 سيڪڙو ڪينسر (سرطان) ٿيڻ جو خطرو رهي ٿو.
(3) الڪهل (Alcohol): الڪهل (شراب وغيره) پيئڻ سان جيري جي اوڄن، رت جي اڇن ۽ ڳاڙهن جزن جي تباهي ايندي آهي، تنهن ڪري هڪ ته جيري جي اوڄن جي تباهيءَ ڪري نئون رت ناهي ٺهندو. ٻيو جيري ۾ هر ڪنهن قسم جي غير طبعي (روڳي) واڌ ٿيندي آهي، تنهن کانسواءِ رت جي اڇن جزن جي تباهيءَ ڪري جسم جي بچاءَ جو نظام (Protection System) ڊهي پوندو، تنهن ڪري جيري ۽ رت جو ڪينسر ٿي پوندو آهي.
(4) گوشت کائڻ (Meat Eating): جيڪي ماڻهو گوشت گهڻو کائين ٿا، خاص ڪري ڳائو/وڏو گوشت (Beef) ته انهن ماڻهن جي معدي، ننڍي ۽ وڏي آنڊي جي اوڄن ۾ ڪمزوري ٿيڻ ڪري کور اوڄن ۾ ڪافي ناڪاري تبديليون اچن ٿيون تنهن ڪري هاضمي جي عضون جي هر قسم جي سگهه جو نظام ڪمزور ٿيڻ سان گڏ کوڙ جسماني بيماريون ٿين ٿيون، جن ۾ سرطان به هڪ بيماري آهي. سڄي دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ ۽ گهڻي مقدار ۾ ڳائو گوشت برطانيه ۾ کاڌو وڃي ٿو. جتي لوڻيل ڳائي گوشت سميت ڪيترن قسمن جو ڳائو گوشت ٺاهي واهپي هيٺ آندو ويندو آهي) اهو ئي سبب آهي جو سڄي دنيا ۾ هر ڪنهن قسم جو سرطان برطانيه ۾ ٿئي ٿو ۽ سرطان جي ڪري موت جو تعداد به هتي گهڻو ٿئي ٿو، جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ عورتون ڇاتيءَ جي سرطان وگهي مرن ٿيون. ڏٺو ويو آهي ته جن ملڪن ۾ ڀاڄين جو واهپو گهڻو آهي (جيئن هندستان ۾) ته انهن ملڪن ۾ گوشت خور ملڪن جي مقابي ۾ هر ڪنهن قسم جو ڪينسر گهٽ ٿئي ٿو.
(5) لذيذ کاڌا (Tasty Foods): وڏين هوٽلن جي کاڌن، بيڪرين ۾ رکيل ڀڳل ۽ لوڻيل گوشت (Saltish Beaf Meat) نمڪين بـسڪوٽن ۽ سڀني قسم جي ٿـڌيـن بـوتلــن (Cold dinks) کـي وڌيـڪ لـذيذ ڪرڻ جي لاءِ انهـن سڀني کاڌي پيتي جي شين ۾ باءِ ڪاربونيٽ آف سوڍا
(Bi- Carbonate of Soda) ڪتب آندي ويندي آهي، جيڪا سوڍا اهڙو ڪيميائي مادو آهي جيڪو چرٻيءَ وارن جيو گهرڙن (Epithelial Cell) ۾ بگاڙ ڪري غير طبعي (روڳي) سرطاني واڌ ڪري وجهندو آهي.
(6) هٿرادو کاڌا (Synthetic Foods): کوڙ دٻن ۾ مهربند ٿيل کاڌا ۽ فروٽ وغيره جن کي تازو رکڻ ۽ جيوڙن کان آجو رکڻ لاءِ طرح طرح جا ڪيميائي مادا ۽ لوڻ ڪتب آندا ويندا آهن، جيڪي کاڌا ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ اندران اندران زهريلا بڻجي ويندا آهن. تنهن کانسواءِ کاڌن ۽ فروٽن کي بند دٻن ۾ تازو رکڻ ۽ جيوڙن کان آجو رکڻ وارا ڪيميائي مادا ۽ لوڻ گڏجي چرٻيءَ وارن جيو گهرڙن کي نقصان پهچائي سرطان سان گڏ ٻيون به بيماريون ڪري وجهندا آهن.
(7) ڪيميائي مرڪب Chemical Compounds: کوڙ ڪيميائي مرڪب جيڪي عام دوائن جي ٺاهڻ ۾ ڪتب اچن ٿا، گهڻي وقت تائين بغير ڊاڪٽر جي صلاح يا پاڻمرادو واپرائڻ سان انهن مرڪبن جا زهريلا اثر چرٻيءَ وارن جيوگهرڙن کي نقصان پهچائي غير طبعي (روڳي)، سرطاني واڌ (بيماري) ڪري وجهندا آهن.
(8) فارمي مرغي (Poultry Chicken): ڪجهه سال اڳ ۾ شياد 1992ع ڌاري پاڪستان حڪومت جي وڏي ليبارٽري PCSIR ۾ هڪ مرضيات دان Pathologist پنهنجي تحقيق کانپوءِ ٻڌايو ته فارم جي مرغيءَ کي جيڪو داڻو ڏنو وڃي ٿو ۽ جن شين مان اهو داڻو ٺهي ٿو اهو گهڻن قسمن جي سرطانن جو سبب بڻجي ٿو. تنهن کانسواءِ هن صاحب اهو به ٻڌايو ته فارمي مرغيءَ جي هڏن کي ڪرٽڻ کانپوءِ هڏن جي رس جيڪا جسم ۾ وڃي ٿي تنهن مان هر حال ۾ ٻن قسمن جو ڪينسر ٿئي ٿو. هڪ هڏن جو ڪينسر (Osteo Cancer)، ٻيو عورتن ۾ ڇاتي (ارهه) جو ڪينسر (Breast Cancer). ياد رهي ته مرغيءَ جي داڻي ۾ جتي ٻيون شيون ۽ ڪيميائي مادا آهن، 70% سيڪڙو انهن ۾ ذبيح ڍور جو رت شامل هوندو آهي. (حلال ذبيح جو رت پيئڻ ۽ کائڻ اسلام ۾ حرام آهي)
(9) ڪيميائي دوائن جو ڦوهارو ۽ ڀاڻ (Chemical Spray and Fertilizer): ڀاڄين جي مٿان طرح طرح جي زهريلن Toxics ڪيميائي مادن جو ڦوهارو ڪرڻ خاص ڪري Melathin ڪيميائي دوا ۽ فصل جي واڌاري لاءِ Nitrogen ڪيميائي ڀاڻ هوندو آهي. جڏهن ٻنهي ڪيميائي مادن جو زهريلو اثر گڏجي انسان جي معدي ۾ وڃي ٿو ته ان جي مٿيئن تهه کي تباهه ڪري ڇڏي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهن جي معدي جو تنتي سرشتو تباهه ٿيڻ سان گڏ معدي جي خرابي ۽ معدي جون بيماريون ٿين ٿيون، جنهن جي ڪري معدي جي اوڄن ۾ تباهيءَ ڪري معدي جو ۽ هر قسم جو سرطان ٿئي ٿو. تنهن کانسواءِ زهريلن ڪيميائي مادن جو زهريلو اثر رت جي وهڪري ۾ شامل ٿئي ٿو ته ان جو سنئون سڌو اثر جيري جي اوڄن تي تئي ٿو جنهن جي ڪري جيري جي اوڄن ۾ تباهي پيدا ٿيڻ ڪري جيري ۾ (جيري جي اوڄن ۾) غير طبعي (روڳي) سرطاني واڌ ٿئي ٿي. جنهن ڪري جيري ۽ رت جو ڪينسر ٿئي ٿو ان لاءِ ضروري هوندو آهي ته سبزيون وغيره چڱيءَ طرح ڌوئي پوءِ رڌجن.
(10) پوٽيشيم جي گهٽتائي Deficiency of Potassium: جن ماڻهن جي رت مان پوٽيشيم گهٽ ٿي ويندو آهي ته چرٻيءَ وارن جيو گهرڙن ۾ بگاڙ ٿيندي آهي، تنهن ڪري جنهن به عضوي جو تنتي سرشتو ڪمزور ٿي ويندو آهي ان عضوي ۾ ڪنهن نه ڪنهن قسم جو ڪينسر ٿيندو آهي. جڏهن ڪنهن به ڪينسر جي مريض جي سيرم اليڪٽرو لائيٽس (Serum Electrolytes) ٽيسٽ ڪرائبي ۽ ان جي رت ۾ پوٽيشيم جو مقدار گهٽ اچي يا بلڪل نه هجي ته سمجهڻ گهرجي ته مريض جي ڪينسر جو ڪارڻ پوٽيشيم جي گهٽتائي آهي، تنهن ڪري هن قسم جي ڪينسر جو علاج ڪرڻ وقت کيس ٻين دوائن سان گڏ هٿرادو پوٽيشيم ۽ پوٽيشيم واريون دوائون ضرور ڏيڻ گهرجن. (عام حالت ۾ صحتمند ماڻهو جي رت ۾ پوٽيشيم جو مقدار 3.5 کان 5 ايم مولس M.Moles/لٽر هوندو آهي.)
(11) ڳڻتي ۽ تنگدستي Worriment and Poverty: لاڳيتو ڳڻتي، ذهني پريشاني، تنگدستي، غربت ۽ ڏکن جي ڪري ماڻهن جو تنتي نظام ڪمزور ٿي ويندو آهي، جنهن جي ڪري ماڻهن جي رت مان پوٽيشيم ۽ فاسفيٽ جو مقدار گهٽ ٿي ويندو آهي، تنهن ڪري ڪنهن نه ڪنهن عضوي جي چرٻيءَ وارن جيو گهرڙن ۾ بگاڙ ٿيڻ ڪري ڪينسر ٿي پوندو آهي.
(12) بيماريون (Diseases): سرطان اهڙن کي به ٿئي ٿو جن کي جسم ۾ تنتي سرشتي کي ڪمزرو ڪندڙ بيماريون موجود آهن، جيئن سلهه، دم ۽ ذيابيطس وغيره. انهن سڀني بيمارين ۾ وڌ ۾ وڌ ذيابطس جي بيماري آهي، جيڪا سرطان ٿيڻ جو سبب بڻجي ٿي.
(ب) بيماريءَ جي سڃاڻپ (تشخيص) Diagnosis
(1) بيماريءَ جون ظاهري علامتون Clinical Symptoms: جڏهن سرطان جي بيماري منهن ڪڍندي (Onset) آهي ته شروع ۾ ڪي به ظاهري علامتون ڪو نه هونديون آهن. جنهن وقت بيماري وڌندي آهي ته جسم تي ڪنهن نه ڪنهن قسم جون علامتون ظاهر ٿيڻ شروع ٿينديون آهن. جيئن ڪو غدود (Gland) وڌي ويو، ڦٽ اهڙو ٿئي جيڪو ناسور بڻجي وڃي، يا بيماريءَ هيٺ آيل ۾ نئين غير طبعي (روڳي) واڌ ٿي پوي مثال جيئن کاڌي جي ناليءَ (Oesophagus) ۾ سرطاني واڌ ٿيندي ته کاڌي جي نالي بند ٿيڻ شروع ٿيندي آهي. جنهن جي ڪري کاڌي کي ڳيت ڏيڻ ۾ ڏکيائي (Dysphasia) ٿيندي ۽ سور ٿيندو آهي، جيڪڏهن مرض وڌي ويو ته آخرڪار کاڌو ناليءَ کان هيٺ ڪو نه لهندو آهي. مريض اٽڻجي پوندو تنهن ڪري کاڌو واپس ايندو آهي، ايئن آواز جي توترين (Vocal Cords) ۾ غير طبعي (روڳي) سرطاني واڌ ٿي ته شروع ۾ آواز ويهي رهندو (Hoarseness) آهي. پوءِ ڳالهائڻ ۽ اکرن جي اچارڻ ۾ تڪليف (Aphasia/Dysphasia) ٿيندي آهي. آخر ۾ آواز بندي ٿي ويندو آهي. جڏهن مريض مڪمل سرطان ۾ وٺجي ويندو آهي ته پوءِ مريض ۾ هيٺيون (هڪ ئي وقت) جسماني علامتون ظاهر ٿينديون آهن.
(I) نبض (Pulse): هر ڪنهن قسم جي سرطان جي مريض جي نبض ڍري ڪمزور ڌڪ هڻندي آهي، سنهي لڳندي پر تڪڙو هلندي آهي. جڏهن ته صحتمند ماڻهن جي نبض ڀرپور ڌڪ هڻندي آهي، آڱرين کي مضبوط لڳندي آهي ۽ هڪ ڪري (سانت ۾) هلندي آهي. هڪ مقرر اندازي مطابق هر صحتمند نوجوان ماڻهو جي نبض 40 کان 80 ڌڪ في منٽ ۾ هڻندي آهي.
(II) زبان (Tongue): سرطان جي مريض جي زبان جو مرض جي پهرئين درجي (مرحلي) ۾ اڳيان وارو اڌ حصو ڦڪو هوندو آهي ۽ پويون حصو ميرانجهو اڇو هوندو آهي. جڏهن مرض وڌي ٻئين درجي ۾ پهچندو آهي ته زبان جو رنگ ڳاڙهو ڳٽول ٿي ويندو آهي. پر جڏهن هيءَ بيماري وڌيڪ روڳي بڻجي آخري مرحلي (درجي) ۾ پهچندي آهي ته ان وقت زبان جو رنگ ڍڳي جي گوشت (Beef Steaks) جي رنگ جهڙو ٿي ويندو آهي. عام طرح سان هر صحتمند ماڻهو جي زبان گلابي رنگ جي ۽ آلي (Moist) هوندي آهي.
(III) اکيون (Eyes): سرطان جي مريض جي دوڏي (Orbit) واري پردي (Corner)، جي مٿان ڦڪي سائي رنگ جا دٻڪ ٺهي بيهندا آهن، جنهن جو مطلب ته مريض جي رت ۾ زهريلو مادو ۽ البيومن شامل ٿي ويو آهي،
تنهنڪري مريض جي جسم جو رت زهريلو (Toxic Blood) ٿي ويو آهي. عام طرح سان صحتمند ماڻهو جي دوڏن جي پردي جو رنگ اڇو هوندو آهي.
هتي اهو به ٻڌائجي ٿو جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهو جي دوڏن جو رنگ اڇو هوندو آهي ته ان جو اهو مطلب آهي ته ماڻهو جي جسم جا سڀ غدود (Glands) درست ڪم ڪري رهيا آهن، تنهن کانسواءِ سندس رت ۾ ڪنهن به قسم جو زهريلو مادو موجود ڪونهي.
(IV) وزن (Weight): سرطان جي مريض جو وزن گهٽجي ويندو آهي. جيڪڏهن سرطان جي مريض (عورت هجي يا مرد) سندس بيماريءَ کان اڳ واري وزن کان 20 سيڪڙو وزن گهٽجي وڃي ته اهو خطرناڪ آهي. خاص ڪري 40 سالن جي عمر جو (مرد توڻي عورت هجي) جو سرطان ۾ سندس اصلي وزن کان 20 سيڪڙو گهٽ ٿئي ته ان کي خطرناڪ سمجهجي.
(V) بک (Appetite): سرطان جي مريض جي بک بلڪل مري ويندي آهي. جيتوڻيڪ سندس ڪمزور تنتي سرشتي کي قوت ڏيڻ ۽ سگهارو ڪرڻ لاءِ کاڌو ضروري آهي.
(2) ليبارٽري ٽيسٽون Pathological Test
(I) گوشت/غدود جي واڌ جي چڪاس (Biopsy): بيماريءَ هيٺ آيل عضوي جي گوشت، غدود يا غير طبعي واڌ مان ٽڪرو ڪپي/ڪڍي مائيڪرو اسڪوپ وسيلي اوڄن جي چڪاس ڪئي ويندي آهي ته مريض جي واڌ بي ضرر Benign آهي يا روڳي Malignant آهي، جي روڳي آهي ته سرطان ڪهڙي قسم جو آهي ۽ ڪهڙي مرحلي تي پهتو آهي.
(II) واڌ/غدود، گوشت جي رطوبت (مواد) چڪاس FN Test سئي جي ذريعي بيماريءَ هيٺ آيل عضوي جي روڳي واڌ مان ست (رطوبت) ڪڍي ان جي چڪاس ڪئي ويندي آهي ته روڳي واڌ ۾ ڪينسر جا جيوڙا موجود آهن يا نه؟
(III) رت جي مڪمل چڪاس Hematology Test
(الف) رت جا اڇا جزا (Leukocytes ‘WBC’): سرطان جي مريض جي رت جا اڇا جزا وڌيل Leucocythaemia/Leukaemia آهن، جنهن ٽيسٽ ۾ وڌيل جزن جو مقدار به ڏنو ويندو آهي. عام طرح سان هر صحتمند ماڻهو جي رت ۾ اڇن جزن جو مقدار 4000 کان 11000 في سينٽي ميٽر هوندو آهي.
(ب) رت جا ڳاڙها جزا R.B.C: Erythrocytes سرطان جي مـريـض جي رت جا ڳاڙها جزا گهٽ (Erythropenia) هوندا آهن. جنهن ٽيسٽ ۾ رت جي ڳاڙهن جزن جي گهٽتائي جو مقدار به ڏنل هوندو آهي. عام طرح سان هر صحتمند ماڻهو جي رت ۾ ڳاڙهن جزن جو مقدار مرد ۾ 5 کان 4 ملين في سينٽي ميٽر هوندا آهن، جڏهن ته عورت ۾ 4.5 کان 5.5 ملين في سينٽي ميٽر هوندا آهن.
(ٻ) هيموگلوبن Hemoglobin: سرطان جي مريض هو هيموگلوبن گهٽ هوندو آهي. جنهن گهٽتائي جو مقدار پڻ هن ٽيسٽ ۾ ظاهر ڪيو ويندو آهي. هر صحتمند ماڻهو جي رت ۾ هيموگلوبن جو مقدار مردن ۾ 5.14 کان 14 گرام في 100 ملي ليٽر ۽ عورتن ۾ 13.6 کان 15 گرام في 100 ملي ليٽر هوندو آهي.
(IV) سيرم اليڪٽرولائيٽس Serum Electrolytes
(الف) سرطان جي مريض جي رت ۾ سوڊيم (Sodium) ۽ ڪاربونيٽ آئن (Carbonate ion) وڌيل هوندو آهي.
(ب) سرطان جي مريض جي رت ۾ پوٽيشيم (Potassium) ۽ فاسفيٽ (Phosphate) گهٽ هوندا آهن.
(V) پيشاب جي چڪاس Urine Test
(الف) سرطان جي مريض جي پيشاب ۾ ڪاربونيٽ (Carbonate) وڌيڪ هوندو آهي.
(ب) سرطان جي مريض جي پيشاب ۾ فاسفيٽ Phosphate ۽ ڪلورائيڊ (Chloride) گهٽ هوندو آهي.
(ڀ) احتياط وارا اپاءَ Preventive Measures
(I) سرطان جي مريض کي گرميءَ ۽ اُس جي تاءَ کان بچائڻ گهرجي نه ته ٻي صورت ۾ مرض تڪڙو وڌي ويندو آهي. بيماريءَ جو علاج ڪرائڻ کانپوءِ صحتياب ٿيڻ کانپوءِ به هڪ سال تائين هر حال ۾ گهڻي گرمي يا اُس تي بيهي ڪم ڪار ڪرڻ نه گهرجي. ٻي صورت ۾ مرض واپس ايندو آهي.
(II) سرطان جو مريض مرد هجي يا عورت کيس هر حال ۾ رڌ پچاءَ نه ڪرڻ گهرجي، خاص ڪري ارهه جي ڪينسر Breast Cancer ۾ رڌ پچاءَ نه ڪجي. نه ته ٻي صورت ۾ مرض تڪڙو وڌي ويندو آهي. تنهن کانسواءِ علاج ڪرائڻ کانپوءِ صحتياب ٿيڻ کانپوءِ به هڪ سال تائين اُس/باهه تي بيهي ڪم ڪرڻ نه گهرجي. ٻي صورت ۾ مرض واپس ايندو آهي.
(III) سرطان جي مريض کي گهڻي گرم پاڻيءَ سان وهنجڻ نه گهرجي. سياري ۾ به نهن سوسڙي پاڻيءَ (Tepid Water) سان وهنجڻ گهرجي. مرض ڇڏي وڃڻ تائين اهو ساڳيو احتياط ڪجي.
(2) رک/پرهيز (Preventive Diet)
(I) سرطان جي مريض کي ڪا به ڪوسي (گرم) شيءِ نه کائڻ نه وري پيئڻ گهرجي. يعني گرم چانهن، ٻوڙ ۽ ماني کائڻ نه گهرجي.
(II) چانهن ۽ ڪافي بلڪل پيئڻ گهٽائي ڇڏجي، خاص ڪري ٻئي نيراني پيئڻ نه گهرجن.
(III) وڏو گوشت خاص ڪري ڳائو گوشت ۽ چرٻيءَ وارو گوشت نه کائجي.
(IV) گانگٽ (Lobster): کيکڙو، پلو ۽ سائين ڀاڄين ۾ واڱڻ، ڪدون، ۽ ميها کائڻ نه گهرجن.
(3) خوراڪ (Food)
(I) چانهن ضروري هجي ته ڏينهن ۾ هڪ ٻه ڀيرو ٿوري مقدار ۾ ٺاري پئندا/پيئڻ گهرجي.
(II) ٻاڪرو گوشت کائي سگهجي ٿو پر ان ۾ چرٻي نه هجي ۽ ٻوڙ ٺاري کارائيندا.
(III) سڀ قسم جون ڀاڄيون (سواءِ واڱڻ، ڪدون ۽ ميها) سڀ قسم جون داليون (سواءِ مسور جي ڳاڙهي دال) کائڻ گهرجن.
(IV) جيڪڏهن مريض کي ذيابطس ناهي ۽ مريض ۾ پوٽيشيم جي گهٽتائي آهي ته ان مريض کي هر حال ۾ روزاني هڪ گلاس ڳڙ Jiggery جو شربت ڪري پيارايندا. جديد تحقيق مطابق ڳڙ ۾ 90 سيڪڙو پوٽيشيم ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو